اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، سردار اظهر طارق گذريل ٻن سالن دوران کنيل سفارتي قدمن، رابطن جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سفارتخاني جي ڪارڪردگي ج?? حوالي سان پرڏيهي وزير کي مفيد بريفنگ ڏني.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، جڏهن ته پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد ڪرغزستان ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي اسان جي حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو،
ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خصوصي هدايتن تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻ?? جي خاطري ڪرائي.