اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آ??ي ته پاڪستان ڪي??يا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ڪي??يا جي هم منصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪي??يا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪي??يا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪي??يا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انس??ني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آ??ي ته عالمي برادري افغانين کي انس??ني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪينين هم منصب کي ني??وب?? ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏيهي وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.