راولپنڊي-22 آڪ??وبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، مجموعي علائقائي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آر چيف جاپاني سفير جي ??دم??ن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏي?? ۽ دفاعي/سيڪيورٽي تعاون ۽ افغان صورتحال تي مؤقف جي حمايت ۾ ان جي شرڪت کي ساراهيو. جاپاني سفير افغان صورتحال سميت افغانستان مان ڪامياب نيڪاليءَ تي پاڪستان جي ڪر??ار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين لاڳاپن کي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.