اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لاءِ اخ??لاف راءِ جا آداب سامهون رکو ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اخ??لاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اخ??لاف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لاءِ ٻه شيون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اخ??لاف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ?? علوم و فنون جو فروغ اخ??لاف راءِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اخ??لاف راءِ جي آداب کي سامهون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪجهه معاملن تي اتفاق آهي اتي ڪجه معاملن ۾ اخ??لاف راءِ جي گنجائش به م????ود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لاءِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسان کي اخ??لاف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاختلاف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان کي به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اخ??لاف راءِ جي آداب کي سمجهڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اخ??لاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي معاملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اخ??لاف راءِ جي ادب کي اخ??يار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.