اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان مل??ئي??يا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افعانستان جي صورتحال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن ??يو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن ??يو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان ف??ئد?? کڻي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان?? ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪس??ان?? ڊرامن کي مل??ئي??يا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي مل??ئي??يا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن ??يو ته او آءِ سي ??ان??رنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. مل??ئي??يا جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.