اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئ??مي?? محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائي کي سامهو?? رکندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ سياحت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا، پاڪستان عمان لاءِ وچ ايشيائي رياستن تائين گيٽ وي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئ??مي?? انجنيئر ريڌا الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ اوپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، سينيٽ چيئ??مي?? محمد صادق سنجراڻي چيو ته عمان واپاري سرگ??مي?? لاءِ پ??ڪستان کي يورپي ملڪن تائين پهچ ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ استحڪام ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي مثالي تعاون هڪ ٻي تي ڀرپور اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، عالمي سطح تي مختلف فورمن تي ٻنهي ملڪن ۾ بهتر مدد ڏسڻ ۾ آئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سينيٽ ۽ عمان جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ تاريخي گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون آهن، سينيٽ چيئ??مي?? چيو ته عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ ماحول سازگار آهي، پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيئ??مي?? چيو ته پاڪستان ۽ عمان پنهنجي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائين، عمان جا سيڙپڪار ماڻهو گوادر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئ??مي?? وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو. ملاقات ۾ سينيٽرز حافظ عبدالڪريم، دلاور خان، منظور احمد ڪاڪڙ، ڪهده بابر، ذيشان خانزاده، فيصل سليم ۽ سينيٽ سيڪريٽري قاسم صمد خان به شريڪ هئا.