اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي ن??ام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي ن??ام ۾ علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف ??نو??يشن ان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ آغا ??ان يونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي ن??ام ۾ بيمارين جي تدارڪ ??ي رخ تي روشني وجهندي هن چيو ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي ن??ي اسپتالن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت جي ن??ام ۾ بيمارين جي تدارڪ ??ي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا ??ان يونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي ن??سنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿا. صدر چيو ته چين عوام جي صحت جي ن??ام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا ??ان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان کان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پاران بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي ن??ام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي ن??ام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا ??ان يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.