اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سم??ت سمورن پاڪستاني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن، اسان عمران خان ۽ آئين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، سمورن اتحادين سان رابطو آهي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ زيرڪ ۽ سلجهيل سياستدان آهن، منهنجي خيال ۾ اهي مخالف ڌر جي هنج ۾ نه ويهندا. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم قوم کي واضح پيغام ڏنو آهي ته فيصلو عوام کي ??رڻو آهي ته توهان کي ??ڱائي يا برائي مان ڪهڙي طرف بيهڻو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هڪ طرف مفاد پرستن جو ٽولو آهي جنهن کي ملڪي مفادن، معيشت ۽ نه ئي اقتصادي ضرورتن سان ڪو واسطو آهي، اهي ماڻهو هڪ نڪاتي ايجنڊا تحت عمران خان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ لُٽ مار لا??ِ رستو هم??ار ڪرڻ چاهي ٿو. انهن جو منشور هڪ آهي نه ئي پارتٽي جهنڊو هڪ آهي، انهن ماڻهن پوري قوم کي پريشان ڪري رکيو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته آئون پاڪستان جي سمورن باشعور شهرين کي ??ذارش ڪريان ٿو ته هو 27 مارچ تي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. اسان عمران خان ۽ جمهور??ت سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جا پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير سم??ت سمورن ماڻهن سان رابطا ٿي رهيا آ??ن، ڪي پي ڪي کان ماڻهن جو سمنڊ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا اتحادين سان رابطا آ??ن، اهي آزاد آهن، مون کي يقين آهي ته اهي مناسب وقت تي مناسب فيصلو ڪندا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ??سڻو پوندو ته اهي پي ٽي آءِ کان عليحدگي اختيار ڪري ڪنهن سان گڏ وڃي رهيا آ??ن، پي پي سان گڏ، ان پ پ پ خلاف ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪري رهي هئي ته انهن ڪراچي سان ناروا سلوڪ ڪيو، انهن جا فنڊ هڙپ ڪيا، جيڪي بلدياتي قانون کڻي آيا ان تي ته پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اهي سنجيده ۽ سلجهيل ماڻهو آهن، منهنجي خيال ۾ ته هو انهن جي هنج ۾ نه ويهندا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي اجلاس جي حوالي سان چيو ته اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتهائي ڪامياب انعقاد سان پوري امت ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن به پاڪستان جي لا??ِ خيرسگالي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي سربراهه هجڻ جي ناطي پاڪستان، او آءِ سي جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لا??ِ طريقيڪار جوڙڻ جي غرض سان هڪ ٻيو وزارتي اجلاس طلب ڪندو. پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ ٻين نمايان تڪرارن کي به ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ايڪشن پلان ان سلسلي ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي ڪردار جو تعين ڪندو آهي.