اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وز??راعظم جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وز??راعظم عمران احمد خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وز??راعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وز??راعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ?? مخالف ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وز??راعظم ?? مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وز??راعظم عمران احمد خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وز??راعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وز??راعظم ?? مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وز??راعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.