لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، ??ري?? خاندان رلي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته موجوده حالتن ۾ ??ري?? خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت ??ري?? گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزيراعظم چيو ته اس??ن جي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي و??يراعظم نواز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني و??ي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توه??ن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، مون کي پاڪست??ن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، اسان پاڪست??ن جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏيندا??ين.