اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ وا??ي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ ??روگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳا??هائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳا??هه ٻولهه ڪئ?? وئي، ان موقعي تي شازيه م??ي وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ ??روگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ وا??ي وزارت کي ناڻي وا??ي وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار وا??ي وزارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون به ڪيون.