اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو، ا?? مجرماڻي غفلت تي ??نڪ??ائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ اجلاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجي??ٽ ۾ مجرماڻي غفلت تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ان تي سخت پ??يش??ني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻي پريزنٽيشنز جو و??ت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن جو وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، ا??تصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.