ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت وار?? صوبائي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڊسٽرڪ?? ايڊمنسٽريشن اي??ٽ تحت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان موقعي ت?? صوبائي وزير گيانچند، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي اي??ٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر اي??ٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪند?? صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ڪشمير اس??حصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير اس??حصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اس??ن پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اس??ن ڇو ملهائيندا آهيون. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اس??ن کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اس??ن وڙهنداسين، اڄ اس??ن جو اهو نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پ??اڻ?? تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.