ڪالام – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين ??ي??حن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن اتي موجود سي??حن سان ملاقات به ڪئي. انهن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سي??حن ۽ ٻوڏ متاثرين ??ان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ??تي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، انهن کي انهن جي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انهن کي ڪڍي رهيا آهن، ??تي ڦاٿل سمورن سي??حن کي ڪڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل سياح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته ??تي 600 کان 700 تائين ??ياح اڃا موجود آهن جن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ت?? وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ??رجيح رستن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ??يڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سي??حن کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سي??حن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.