دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته اسان کي فخر آ??ي ته فيفا ورلڊ ڪپ قط?? 2023ع جو آفيشل مئچ بال ”الريحلا“ پا??ستان ۾ ٺاهيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي روڊ ڪپ جي تيارين بابت ??ريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وزيراعظم کي اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪرايو ويو ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي س??راهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي س??راهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ورلڊ ڪپ بابت ??نيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پا??ستاني افرادي قوت جي اهم ڪردار کي س??راهيو. وزيراعظم چيو ته پا??ستانين کي ان حقيقت تي فخر آ??ي ته فٽ بال ”الريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قط?? 2023ع جو آفيشل مئچ بال پا??ستان ۾ ٺاهيو ويو آهي.