??سل??م آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجما?? موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجما?? موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپور، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن ??و طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه انهن ضرورتمند خاندانن تائين پهچي رهي آهي جنهن جا گ??ر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.