اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بن??اد تي فيلڊ اسپتال سميت امداد جي فراهمي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته هو ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 93 رڪني عملي سان هڪ فيلڊ اسپتال سميت انساني همدردي جي بن??اد تي سامان جي فراهمي تي پنهنجي ڀاءُ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃي ٿو. هن ??يو ته اها فيلڊ اسپتال سنڌ ۾ ڪم ڪندي. اسان خيرسگالي جي ان جذبي تي قطر جي ام??ر جا ٿورائتا ??هيون.