اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن کي فجر کان ظهر تائين اسڪول طور استعمال ڪ??ڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي سئو سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏي?? جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ فنڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف ۽ اين سي ايڇ ڊي جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. صدر ملڪ جي رڳو 68 سيڪڙو ٻارن جي پرائمري سطح تي اسڪولن ۾ داخلا جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، عوام ۽ ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي يقيني بڻائ?? جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين بطور اسڪول استعمال ڪري سگهجي ٿو، جتي ممڪن هجي تعليم جي هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر مقامي سطح تي تعليم جي فراهمي، رسمي ۽ غيررسمي تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ جي پرگرامن کي استعمال ۾ آڻ?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي قابل قدر هنر فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز اختيار ڪيا وڃن، پروفيشنل ماڻهن ما?? ملڪ ۾ ئي فائدو کڻ?? جي لاءِ هڪ ٺوس نظام جي ضرورت آهي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، آءِ ٽي ما??رن سميت ٻين شعبن ۾ اعليٰ صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي ذهانت، علم ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته قيمتي انساني وسيلن جي زيان کي روڪ?? جي لاءِ ٺوس قدم ضروري آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پن??نجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ حصو وجهي رهيا آهن، آن لائين ۽ هائبرڊ پليٽ فارمز جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي علم ۽ مهارت ما?? پاڪستان ۾ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خاندان جي وڏي سائيز کي ڄم روڪ جي دوائن جي دستيابي، تعليم ۽ معاشي حالت بهتر بڻائي مناسب وقت ۾ ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. صدر استادن ۽ صحت جي ڪارڪنن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت ۾ اين سي ايڇ ڊي جي ڪردار کي ساراهيو. هن غربت جي خاتمي لاءِ اداري جي ڪوششن، تحقيقي مطالعن ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ عالمي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ اين سي ايڇ ڊي کي قومي مقصد حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ پن??نجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.