اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن آف پاسپورٽ آفيس ۽ وسيلا شيئر ڪن ته جيئن قومي خزاني تي گهٽ بار پوي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم جي صدارت ۾ شهرين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، نادرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته شهرين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. نادرا جي مرڪز ۾ پاسپورٽ آفيس جا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن ۽ ڪفايت شعاري ۽ بچت کي ??ظر ۾ رکندي نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن ۽ پاسپورٽ آفيس جي جڳهه ۽ وسيلا شيئر ڪن ته جيئن قومي ناڻي تي گهٽ بار پوي. وز??را??ظم شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ جي سروس، انهن جي درن تي مهيا ڪرڻ جي لاءِ موبائيل نادرا وينز جو انگ فوري طور تي وڌائڻ جو حڪم به ڏنو. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي ڏيندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهرين کي گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد جي سهولت لاءِ نادرا پاران نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪئي پئي و??ي. ??جلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??را??ظم چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن هدايت ڪئي ته عام شهرين کي انهن جي گهرن جي درن تي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي فراهمي جي حوالي سان قدمن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته هر شهري کي ان حوالي سان هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هونديون. وز??را??ظم حڪم ڏنو ته پاسپورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جا جيترا به منصوبا منظور ٿي چڪا آهن اهي نادرا کان اڳ ۾ موجود آفيسن ۾ قائم ٿين. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته صحافين جي سهولت لاءِ نادرا هڪ نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي ذريعي گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد ٿي سگهندي.