اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سميت مختل?? شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي معاملن، ??بر?? جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگا??ه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي لاءِ معياري ??بر?? جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سميت اي پي پي جي مختل?? شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم جي ??بر?? جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.