اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آ??د تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته الله ??عاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو ??وقعو مليو آه??، منهنجي دعا آه?? ته اسان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو ??هينو ذاتي احتساب جو ??هينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو ??هينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آه?? ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آه?? ته الله ??عاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آه?? ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سان الله ??عاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. الله ??عاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.