اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي پرڏ??هي وزير سرگئي ايلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏ??هي وزير چيو ته هن بيلاروس جي هم منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بيلاروس لاڳاپن جي ??اء?? اسان جي ڊگهي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي لاڳاپن جي مضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ شامل آهي. پرڏ??هي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ??اء?? عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکند??ن جي ويزائن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ ۽ بيلاروس انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏ??هي وزير چيو ته هو ڇهين وزارتي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا. بلاو?? ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏ??هي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??اء?? پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي پرڏ??هي وزير سرگئي ايلينڪ دوري جي دعوت تي پرڏ??هي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن انتهائي تعميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود ٻنهي ملڪن جي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي فيڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيا آهن. بيلاروس جي پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بيلاروس جي حڪومت جي مستقل پاليسي رهي آهي. هن چيو ته ان خواهش کي ٻنهي ملڪن جي قيادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اميج وڌائڻ تي پاڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بيلاروس جي پرڏ??هي وزير چيو ته بيلاروس مختلف دٻاءُ جي باوجود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏ??هي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بيلاروس جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيلاروسي پرڏ??هي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.