اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چار سال پنهنجي دماغ سان رڳو ملڪ کي ڦريو، با??ي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، جنرل باجوه عمران خان ۽ عمران خان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رکيو هو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن باجوه ٻڌايو ته توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪ??دي ا??لا??ات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته باجوه پنهنجي توسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ توهان بند ڪمري ۾ ان کي تا??يات ايڪسٽيشن جي آفر ڪري رهيا هئا؟ جنرل باوجوه هزار ڀيرا چيو هجي توهان اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون، قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ملڪ ۽ عوام کي توه??ن ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿ??ن ڪٿان ڦريو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته عوام ۽ ملڪ سان جيڪو ٿيو تا??يخ ۾ ڪٿي ڪنهن ملڪ سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان چار سال رڳو پنهنجي بيگم ۽ ان جي سهيلي فرح گوگي کي نوازيو، عمران خان اٽو، کنڊ، بجلي ۽ گئس مافياز کي نوازيو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ”ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن فنڊڊ فتني جي اصل نيت ۽ مقصد جو ثبوت آهي. عمران خان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن جي توهين ڪئي آهي.