اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ارڙهين ترميم ذريعي چونڊ عمل کي مضبوط بڻايو ويو، ارڙهين ترميم متعارف ٿيڻ سان اليڪشن ڪم??شن کي بااختيار بڻايو ويو، پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ ۽ تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪم??شن جو اختيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي پارلياماني ڪنوينشن جي بريڪ آئوٽ س??شن کي خطاب ڪندي ڪيو. س??شن ۾ ”آئين ۽ عدالتون، آئين جي تشريح، حقن ۽ آزادين جو تحفظ“ جي موضوع تي بحث ٿيو. هن چيو ته ارڙهين ترميم سان فيڊر??شن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ صوبن کي بااختيار بڻايو ويو، آئين سياسي ۽ ٻين اهم معاملن ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، پاڪستان ۾ اليڪشن ڪم??شن کي هاءِ ڪورٽ جي برابر اختيار ڏنا ويا، هن اليڪشن ڪم??شن جي ميمبرز/ڪمپوزيشن، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي چونڊ جي طريقيڪار کان به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪٽورل ريفارمز جي حوالي سان بل متعارف ڪرايو جنهن ۾ اي ووٽنگ ۽ بايوميٽرڪ جي ذريعي ووٽ وجهڻ جي حوالي سان ترميمون شامل هيون. هن چيو ته اليڪٽورل ريفارم ۾ ڌانڌلي جي خدشن سبب مئي 2022ع ۾ اليڪٽورل ريفارم جي حوالي سان بل کي رد ڪري حقيقي بل کي ٻيهر عمل ۾ آندو ويو. 1976ع اليڪشن لا جي روح موجب چونڊون ڪرائڻ جو اختيار صرف اليڪشن ڪم??شن وٽ هجڻ گهرجي. صدر يا ڪو ٻيو ان ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ جو تعين صرف اليڪشن ڪم??شن جو اختيار هجڻ گهرجي، ان حوالي سان ريفارمز جو معاملو هاڻي به قومي اسيمبلي وٽ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ چونڊن جا انتظام ۽ چونڊون ڪرائڻ صرف اليڪشن ڪم??شن جي ذميواري آهي جيڪو قانون ۾ ??کي?? آهي. 12 جولاءِ 2023ع تي پنجاب ۽ ان جي ٻن ڏينهن کانپوءِ عمران خان ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي. هن چيو ته اميد آهي ته انهن ٻنهي ادارن هاڻي تاريخ ۾ سبق سکيو آهي، انهن ٻنهي ادارن تي تنقيد به ٿيندي رهي آهي، عدالتون اليڪشن ڪم??شن ۽ پارليامينٽ جي ڪارروائي ۽ ڪم ۾ مداخ??ت ڪنديون آهن، اهو آئين کان منهن موڙڻ جي برابر آهي. هن چيو ته 2018ع کان پهرين انهي ٻنهي ادارن ايتري مداخلت اليڪشن ۾ نه ڪئي جيتري 2018ع کانپوءِ ڪئي آهي.