اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان پڻ وصول ڪنداسين، هي احتجاج نه ف??اد ۽ دهشتگردي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جه??ي طرح پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرايو ويو هو، اهڙي طرح عمران خان جي چوڻ تي اڄ ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته عورتن سميت سرڪاري عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪشمير تي خبرون هلائيند?? ريڊيو کي عمران خان جي حامين باهه لڳ??ئي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ريڊيو آڊيٽوريم کي باهه لڳ??ئي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جه??ي طرح عمران خان ملڪ ۽ توشه خانه ڦريو، اهڙي طرح ان جا حامي سرڪاري عمارتن جو سامان ڦري ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. شرپسندن سرڪاري نشريات به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوه?? آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان به وصول ڪنداسين. هن چيو ته هي احتجاج نه، ف??اد ۽ دهشتگردي آهي. هن چيو ته لاهور ۾ قائداعظم جي گهر کي نشانو بڻائيندڙن کي چاغي جه??ي قومي يادگار، ريڊيو جه??ي رياستي عمارتن جي حساسيت ۽ عزت جو ڪو خيال ن?? آهي، پوري قوم ان ڪڌي دهشتگرداڻي رويي ۽ قدمن جي مذمت ڪري ٿي.