اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چي?? آهي ته اي??دڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍن آبادگارن جي لاء?? بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معاشي ٽيم وزيراعظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ڪئي. وزيراعظم معاشي ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوشش?? کي ساراهيندي چي?? ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چي?? ته اي??دڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍن آبادگار?? کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اي??دڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبادگارن جي لاء?? بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪ??دڙ آبادگار?? کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.