اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ۽ هڪ نئين منص??بي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين ??پيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشنل لابئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي رنگ روغن جي لاءِ 94.500 ملين ??پيا، نيشنل ل??نگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ??يل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي لاءِ 16.755 ملين ??پيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي لاءِ 20.327 ملين ??پيا، لاهور ۾ موجود علامه محمد اقبال جي رهائشگاهه کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 18.518 ملين ??پيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي لاءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 15 ملين ??پيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تع??ير جي لاءِ هڪ نئين منص??بي جي لاءِ 350 ملين ??پيا رکيا ويا آهن.