اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ نائب صوبيدار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، ??پا??ي جهانگير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??نه?? بهادر جوانن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کا?? بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جا بهادر جوان ??نهنجي رت سان ??ن ملڪ جي بقاءَ جي آ??ياري ڪري رهيا آهن.