اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين ج?? پريشانين جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ انتظامي قدمن کي ي??ين?? بڻايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشاندهي ي??ين?? بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضلعي انتظاميا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري شهرين ک?? پريشاني کان بچائن.