اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس و??گ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪم??نر سيد احمد م??رو?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد هاءِ ڪم??نر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ??ي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد م??رو?? کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪم??نر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد هاءِ ڪم??نر ??ي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.