بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??ين جي صدر شي جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراع??م آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لا??ِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لا??ِ گريٽ هال آف پيپلز پهتو جت?? چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران وزيراعظم جو شاندار استقبا?? ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آف پيپلز ۾ منعقد ان آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراع??م آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.