اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان?? يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعيلمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي سفر ۾ شاگردن جي رهنمائي سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح سان نکارڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رهوڊز ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين وسيم سجاد ۽ رهوڊز ٽرسٽ برطانيا جي سي اي او اليزابيٿ ڪِس جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان?? يونيورسٽين ۽ رهوڊز ٽرسٽ جي وچ ۾ تعليمي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان?? يونيورسٽين کي ناليوارين يونيورسٽين خاص طور تي آڪسفور?? يونيورسٽي سان لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستاني شاگردن کي تعليمي وظيفا فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، رهوڊز ٽرسٽ پاران پاڪستاني شاگردن کي انهن جي تعليمي سفر ۾ معاونت ۽ مشاورت ڪرڻ ساراهه جوڳي آهي. صدر چيو ته تعليمي سفر ۾ شاگردن کي مشاورت ڏيڻ سان انهن جي صلاحيتن کي پوري طرح نکارڻ ۾ مدد ملندي. رهوڊز ٽرسٽ جي سي اي او صدر کي تعليمي شعبي ۽ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي فراهمي ۾ ٽرسٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته پاڪستان?? يونيورسٽين ۽ آڪسفور?? يونيورسٽي جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪري معاشري ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سياست، قانون، سائنس، فنون لط??فه ۽ سرڪاري شعبي ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهوڊز اسڪالرشپ حاصل ڪري چڪا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي وقتي صدر وسيم سجاد، اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي جج بابر ست??ر ۽ شاهد جا??يد برڪي سميت ناليواريون پاڪستاني شخصيتون رهوڊز اسڪالرشپ مان فائدو کڻي چڪيون آهن.