اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪستان سروس لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مرتضيٰ هاشواڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??لڪ جي ڪاروباري سگهه کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مرتضيٰ هاشواڻي نگران وزيراعظم کي ??لڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ جي ڪامياب ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي ??لڪ جي ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪاروباري حصيداري جي تجويز پيش ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي تمام گهڻي سگهه موجود آ??ي. ??اڪستاني ڪاروباري برادري ۽ چيني تعاون جي ذريعي خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي جي سياحت جي شعبي ۾ خاطرخواهه ڪم ڪري سگهجي ٿو. ??لڪ ۾ سياحتي ماڳن تي موجود سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ڪاروباري سر??رم??ن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.