اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائق??ئي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ?? ان حقيقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ علائق??ئي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ?? ٻطرفي واپار کي پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جنوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته روانڊا جا واپاري به ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جون نيون راهون ڳولي سگهجن. صدر معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا. روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته روانڊا پاڪستان کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ?? گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر صدر کي ٻڌايو ته روان??ا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي.