ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي امتحانن ۽ سڃاڻپ واري نظام کي جديد ٽ??ڪن??لاجي جي دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو ??هي. امتحان ۽ تشخيص تعليمي نظام جا ٿنڀ آهن ۽ اسان کي انهن قدمن کي اختيار ڪرڻو پوندو جيڪي تنقيدي سوچ، ت??لي??ي صلاحيتن ۽ علم جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ امتحان ۽ تشخيص جو نظام“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ??ه وسيع تحقيق ۽ جديد ٽ??ڪن??لاجي جي آمد سان سڄي دنيا ?? تعليمي منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو ??هي ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ت?? هو پنهنجي امتحانن ۽ تشخيصي نظام ۾ ان موجب ضروري تبديليون آڻي. تشخيص ۾ جديد ٽ??ڪن??لاجي جي استعمال جي اهميت تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ??ه امتحان ۾ ڊجيٽل ٽ??ڪن??لاجي جو استعمال تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏي سگهي ٿو. هن نظام ۾ انصاف، ديانت ۽ شفافيت جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مدد علي سنڌي چيو ??ه پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ معياري تعليم کانسواءِ ڪو ٻيو ??ستو ناهي جڏهن ته ٽي بنيادي عمل بهتر نصاب، تربيت يافته استاد ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي مايوسي جو اظهار ڪيو ??ه ماضي ۾ تعليم جي اهم ترين شعبي تي اڳوڻين حڪومتن جي پاليسين ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ منشور ۾ مناسب ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ??ه هاڻي جڏهن قوم عام چونڊن طرف وڌي رهي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ تعليم، معيشت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت کي ترجيح ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته امتحانن ۽ تشخيص بابت ڪانفرنس سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مستقبل جي چئلينجز تي بحث ۽ مباحثي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي ۽ ملڪ جي تعليمي نظام ۾ اهم تبديليون آڻن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.