اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يره اسماعيل خا?? ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حم??ي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عمران خا??، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خا?? جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خا??، ولي خا??، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حم??ي جي مذمت ڪئي، شهيدن جي خا??دانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خا??دانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.