اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحرين جي دوري دوران بحرين جي بادشاهه، ولي عهد، ڊفينس فورسز ۽ بحرين نيشنل گا??ڊ جي ڪمانڊرز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ س??ڪي??رٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس جي مل??ري ميڊل سان نوازيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير بحرين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. هن بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن حمد الخليفه، بحرين ڊفينس فورسز جي ڪمانڊر فيلڊ مارشل خليفه بن احمد الخليفه ۽ بحرين نيشنل گا??ڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻطرفي فوجي ۽ س??ڪي??رٽي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بحرين جي قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. آرمي چيف بحرين نيشنل گا??ڊ جي 27 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گا??ڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي واري تربيتي مشق جو به مشاهدو ڪيو. ڪمانڊر بحرين نيشنل گا??ڊ بحرين نيشنل گا??ڊ کي مل??ري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ ??عل??ٰ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو. بحرين جي بادشاهه ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي اعتراف ۾ آرمي چيف کي بحرين فرسٽ ڪلاس مل??ري ميڊيل سان نوازيو.