اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شطرنج جي راند کي پا??ستان ۾ مقامي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شطرنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ شطرنج جي عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي سان حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عالمي شطر??ج فيڊريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته شطرنج جي سرپرستي ۽ فروغ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، شطرنج جا مقابلا منعقد ڪرڻ سان راند جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ملڪ ۾ شطرنج سميت صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته شطرنج جا ذهني ۽ تعليمي فائدا آهن، تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شطرنج ذهني ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتون وڌائڻ ۾ مددگار ث??بت ٿئي ٿي. وفد صدر کي دنيا ۾ شطرنج جي فروغ ۾ عالمي شطر??ج فيڊريشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پا??ستان ۾ شطرنج بابت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پا??ستان ۾ ماڻهن جو وڏو انگ شطرنج جي راند کي پسند ڪري ٿو. وفد چيو ته شطرنج کي اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته شطرنج جا رانديگر شطرنج جي عالمي مقابلن ۾ آن لائين پڻ حصو وٺي سگهن ٿا. وفد ۾ عالمي شطر??ج فيڊريشن جو صدر ۽ روس جو اڳوڻو نائب وزيراعظم آرڪا ڊي ڊورڪووچ، ايشين شطر??ج فيڊريشن جو صدر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ مرحوم صدر جو پٽ شيخ سلطان بن خليفه النهيان، عالمي شطر??ج فيڊريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊانا ريزنيز اوزولا، برطانوي شطرنج جي گرينڊ ماسٽر ڊاڪٽر نائجل شارٽ، ايشين شطر??ج فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هشام الطاهر، پا??ستان شطر??ج فيڊريشن جو سرپرست اعليٰ جوهر سليم، عالمي شطر??ج فيڊريشن جا ميمبر، ايشين چيس فيڊريشن، پا??ستان شطر??ج فيڊريشن، اسلام آباد اسڪريبل ا??سوسيئيشن ۽ پا??ستان اسڪريبل ا??سوسيئيشن جا ميمبر شامل هئا.