اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ غزه ۾ رفح جي اوڀرندي حصي ۾ فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خوراڪ جي ورڇ جي مرڪز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڏڪار ۾ ورتل آبادي جي لاءِ خوراڪ جي ورڇ جي ڪجهه باقي مرڪزن تي حملو اسرائيل جي فلسطينين کي وڏي پئماني ??ي فاڪا ڪشيءَ ۾ وجهڻ جي ڄاڻي وا??ي ۽ غيرانساني پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته اها غيرانساني ڪارروائي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي لاءِ لائيف لائين جو ڪم ڪر?? ٿي، اها پناهه فراهم ڪرڻ ۽ ضروري خوراڪ سان گڏوگڏ بنيادي صحت جي سارسنڀال جي خدمت فراهم ڪر?? ٿي، ان کي غزه تي جاري غيرانساني ??نگ دوران عالمي حمايت ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 3500 نئين ??سندين جي تعمير بابت اسرائيل جي تازي فيصلي جي سخت ترين ??مڪن لفظن ۾ مذمت ڪر?? ٿو، اها اسرائيلي ڪارروائي عالمي قانون، عالمي انساني قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني ??ياست جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪر?? ڇڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪر??ون ٿا ته اها فلسطيني ??وام جي خلاف قابض عملدارن جي انهن ڏوهن جو خاتمو ڪر?? ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت فلسطيني ??وام جي تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪر??.