اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري پاڪستان جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيندي چيو آهي ته چين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترق?? جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر پاران مبارڪباد واري پيغام تي صدر هڪ خط ۾ سندس ٿورا مڃيا. صدر آ??ف علي زرداري صدر شي جن پنگ کي خط جو جواب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي مفاد جي لاءِ گڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چيني صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آ??ف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري نه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنهي ??لڪ?? پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چيو ته ٻئي ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيدار?? جي ڪامياب?? جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڻٿڪ حمايت سي پيڪ جي ترق?? جي لاء?? لازمي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن سان پاڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. صدر چين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ پاران پاڪ – چين دوستي طرف صدر زردار?? جي عزم جي اعتراف کي پڻ ساراهيو.