اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان هتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مو??مي??تي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مو??مي??تي تبديلي بابت پاڪستان ڪائونسل جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيرن اسحاق ڊار، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي مو??مي??تي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ سرڪاري ۽ نج?? شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو، خادم پاڪستان جي ناطي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ مو??مي??تي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، احسن اقبال ۽ شيري رحمان سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن گڏجي پاڪستان کي ان مشڪل وقت م??ن ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ مو??مي??تي تبديلي جي حوالي سان انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا. هن چيو ته دوست ملڪن، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مو??مي??تي تبديلي کان متاثر پاڪستانين جي پڪار تي لبيڪ چيو جنهن جي لاءِ مون ??مي?? پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ وفاق کي گڏجي مو??مي??تي تبديلي جي حوالي سان پاليسي سازي ڪرڻي آهي، مو??مي??تي تبديلي جي حوالي سان اسان جي چئلينجز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ??يو وڃي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان قدمن ۾ بهتري آئي آهي جن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان حتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مو??مي??تي تبديلي بابت سمورن معاملن تي صوبن جي مشاورت کانسواءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اجلاس ۾ پاليسي گائيڊ لائينز فار ٽريڊنگ ان ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صوبن سان مشاورت کانپوءِ ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ مسودو پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏين وزيرن پاليسي سازي جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي صوبي جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم مو??مي??تي تبديلي واري وزارت کي ان اهم پاليسي مسودي جي لاءِ صوبن ۽ سمورين ڌرين کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.