لاهور – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي لاءِ ه??اي??ن تي عمل نه ڪرڻ ۽ غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ جنرل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي معطل ڪرڻ جي ه??اي?? ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، آبادگارن جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ه??اي?? ڪڻڪ جي طلب ۽ پهچ ۽ ??فا??ي حڪومت جي خريداري جي پروگرام جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??فا??ي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصاديات واري ??فا??ي وزير احد خان چيما، واپار واري ??فا??ي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳ??له??ئيندي وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي حوالي سان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري جي عمل لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن تيار ڇو نه ڪرائي وئي؟ وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان ه??اي??ن تي عمل نه ڪرڻ ۽ ان حوالي سان غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جنرل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي معطل ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته ڪڻڪ جي خريداري جو عمل صاف ۽ شفاف ب??ائڻ جي حوالي سان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ موبائيل فون ايپلي ڪيشن جلد کان جلد تيار ڪئي وڃي. هن پاسڪو جي اسٽاڪ جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ ه??اي?? ڪئي ته آبادگار جي معاشي تحفظ جي لاءِ جنسن جي انشورنس کي يقيني بڻايو وڃي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم پاسڪو کي چار لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي شفاف ۽ موثر طريقي سان خريداري ڪرڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاسڪو مرڪزن ۽ آفيسرن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ انهن جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي.