اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ??هي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي ??ي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال ۽ بلوچستان جي مختلف ترقيا??ي منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ مل??ي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ??هي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني ۽ نور عالم خان پڻ موجود هئا.