اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو ا??هار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ??يو آهي ته اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان ??لي تعزيت جو ا??هار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو ا??هار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ??يندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.