اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ ??ڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي ز??داري اهڙن خيالن جو اظهار قائداعظم يون??ور??ٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان انهن جي تعليم تائين پهچ ??ڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر چيو ته نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن انساني وسيلن سان نوازيو آهي. صدر چيو ته انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر چيو ته يون??ور??ٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي ز??داري چيو ته يون??ور??ٽيون شاگردن جي ڪردارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم يون??ور??ٽي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ايوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر صدر کي يون??ور??ٽي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قائداعظم يون??ور??ٽي پاڪستان جي ٽاپ رينڪنگ يون??ور??ٽين مان هڪ آهي، عالمي درجابندي ۾ 315 هين نمبر تي آهي. وائيس چانسلر چيو ته قائداعظم يون??ور??ٽي معاشري جي لاءِ ڪارائتي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن قائداعظم يون??ور??ٽي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان جي تعليمي ش??بي ۾ يون??ور??ٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر وائيس چانسلر کي يون??ور??ٽي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.