اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ?? ايران جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ?? ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ چونڊيل صدر ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ?? ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپ?? آهن، اسان کي گڏيل فائديمند لاڳاپن ذريعي پنهنجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.