اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد (نشا?? حيدر) کي سندس 66هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر طفيل محمد شه??د جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن ج?? پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميجر طفيل محمد شه??د (نشا?? حيدر) جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ما??ي. ??يجر طفيل محمد شه??د (نشا?? حيدر) پنهنجي زخمن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مشن کي پورو ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ميجر طفيل محمد شه??د (نشا?? حيدر) جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن ج?? پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي پنهنجي شه??دن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. پاڪستاني قوم هٿ??اربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.