اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي شهيدن جي ڏنل ق??بانين عيوض اڄ اسان هتي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي ??يڪ??يٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هن??ي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري سان وڙهندي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلى ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پ??هن??ي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پ??هن??ي ملڪ لاءِ ڏنل ق??بانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏين ٿيون. اسپيڪر الله تعالى کان ميجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.