اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پي ٽي آءِ ۽ في?? حميد جو ڳٺ جوڙ، اوڀرندي سرحد واري پاسي پاڪستان مخالف جذبا رکندڙ صحافين سان پي ٽي آءِ جا رابطا ۽ اولهندي سرحد ذريعي فتنه الخوارج کي واپس آڻڻ وارا في??لا ملڪ دشمني جو بدترين مثال قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جا ڀارتي صحافي سان چڙ ڏياريندڙ ۽ خوفناڪ پيغامن تي ٻڌل رابطن سان پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمني تي ٻڌل ايجنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي چڪي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي پ??ڏي??ي دشمنن سان رابطن تي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪندي فارن فنڊڊ جماعت پهرين سائفر ذريعي ملڪ جي پ??ڏي??ي پاليسي کي نقصان پهچايو ۽ هاڻ ملڪ جي سلامتي ۽ بقا کي نقصان پهچائڻ لاءِ پنهنجي پ??ڏي??ي آقائن جو سهارو وٺي رهيو آهي، هن چيو ته هو ڄاڻايل ڀارتي صحافي پاڪستان مخالف جذبا رکن ٿا. هن چيو ته رئوف حسن ڀارتي صحافي سان تحريڪ انصاف جي سوچ جي ترجماني ڪئي جيڪا پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا خلاف سازشن کي هٿي ڏئي رهي آهي.هاڻي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته 9 مئي جا حملا ڇو ڪيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا سيل ملڪ دشمنن سان رابطن جو وڏو ذريعو هو. ان سيل ذريعي پاڪ ۽ سپهه سالار خلاف به مهم هلائي ويندي هئي جنهن جون ڪڙيون اڄ ڀارت سان ملي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ خوني انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ ڀارت جو اسپانسرڊ ايجنڊا کڻي هلي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ڀارتين پ??ڏي??ه مان فارن فنڊنگ ڪئي، جيڪا جاچ ۾ سامهون اچي چڪي آهي. هاڻي ڀارتي صحافين کان پي ٽي آءِ اڳواڻ جا رابطا ثابت ڪن ٿا ته هو ملڪ دشمن قوتن جي چوڻ تي پاڪستان مخالف مهم هلائي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊڊ ٽولو ملڪ دشمني جي هر حد پار ڪري ورتي آهي، ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته ان جو اصل هدف پاڪستان جي قومي مفادن ۽ فوج کي نقصان پهچائڻ هو، هي ماڻهو پاڪستان ۾ ويهي ڀارتي ايجنڊا پوري ڪري رهيا آهن. پاڪستان تي وار ڪندڙ دهشتگردن کي به ان لاءِ واپس آندو ته جيئن ڀارتي ايجنڊا پوري ٿي سگهي. عطاالله تارڙ چيو ته في?? حميد به پي ٽي آءِ جي باني جو اهم مهرو بڻيل رهيو ۽ ملڪ ۾ عدم اس??حڪام پيدا ڪ??ڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو سياسي مهرو ثابت ٿيو. قوم کي اها اصليت به معلوم ٿي وئي آهي، ته مرشد جو مؤڪل في?? هو، في?? مرشد جو نه پر في?? حميد جو هو. هن چيو ته في?? نيازي ڳٺ جوڙ جون ڪڙيون نيازي جي گهر بشريٰ سان ملن ٿيون جيڪا هن ڳٺ جوڙ ۾ هڪ مرڪزي ڪردار هئي. هن چيو ته في??، نيازي ۽ بشريٰ ڳٺ جوڙ پنهنجي پنهنجي مڪروهه مقصدن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو. في?? نيازي ڳٺ جوڙ پاڪ فوج مخالف بيانئو به گڏ هلايو ته جيئن رٽائرڊ ۽ سرونگ آفيسرن کي ڀڙڪائي سگهجي ۽ ليڊرشپ خلاف اڪسايو وڃي. هن چيو ته في?? نيازي ڳٺ جوڙ اهو تاثر پيدا ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪ فوج ۾ ڪنهن قسم جي ڪنفيوزن ۽ ورهاست آهي.