اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پا??ستان برادر ملڪ ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پا??ستان ۾ ترڪيه جي ??فير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي سان الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي ??وشني وڌي. ناڻي واري وزير پا??ستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ??دمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي ??ڪاسي آهن. ناڻي واري وزير ترڪيه جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي ??ازو پا??ستان جي ??ؤري جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ??رڪيه جي ??فير پا??ستان ۾ قيام دوران پا??ستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي ساراهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي ??والي سان اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي ??هميت تي ??وشني وڌي. ناڻي واري وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پا??ستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي ??زم جو به ورجاءُ ڪيو.